اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستاني فلمون ۽ ڊراما دنيا ۾ پيش ڪرڻ، معياري مواد جي تياري، براڊ ڪاسٽنگ اوزارن جي درآمد سميت هر قسم جو رليف فراهم ڪرڻ جي ??اء?? حڪومت سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ??اء?? تيار آهي، فلم کي باقاعده صنعت جو درجو ڏيڻ ۽ ??خت??ف شعبن ۾ ٽيڪس ڇوٽ جون تجويزون وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪيون وينديون. پرائم منسٽر اڪنامڪ ريچ آئوٽ انيشيٽو فلمي صنعت جي ذريعي پرڏيه?? ناڻو حاصل ڪرڻ جي ??اء?? ايندڙ رڪاوٽن ختم ڪرڻ جو فورم آهي، پاڪستاني ڊراما، فلمون ۽ آرٽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وزير جي اهتمام هيٺ پرائم منسٽر اڪنامڪ ريچ آئوٽ انيشيٽو تحت سافٽ پاور جو فروغ ۽ پرڏيه?? ناڻوحاصل ڪرڻ جي عنوان سان مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري اڪبر حسين دراني، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو سيڪريٽري، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئيشن، فلم ايسوسيئيشن، جنگ ميڊيا گروپ، ايور ريزي پيڪيجز گروپ، ايگزبيٽر گروپ، جي اي ايم گروپ، اي آر وائي ميڊيا گروپ جي عهديدارن، پرڏيهي وزارت، واپار، ادبي ورثو، ايف بي آر ۽ ٻين لاڳ??پي?? ادارن جا عملدار شريڪ هئا.