اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ??نج??اب کان اسلام آباد تائين نئين آپٽيڪل ڪيبل آپريشنل??ئي?? ڪئي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سندس چو?? هو ته ٻئي مرحلي ۾ اسلام آباد کان ڪراچي ۽ گوادر تائين ڪيبلز وڇائي ويندي، آپٽيڪل ڪيبلز جو ڪم ڊيجيٽل هاءِ وي پلان تحت ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته چين جي تعاون سان آءِ ٽي انقلاب جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سي پيڪ سان پاڪستان ۽ خطي ۾ خوشحالي ايندي. سي پيڪ جي فيز ون منصوبن ??ي تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي.