اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي ملڪ ۾ ڪورونا جي ??ڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي حفاظتي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان وبا سان ڪيترائي چئلينجز سامهون آيا آهن جن تي معاشري جي سمورن طبقن جي ??عال حمايت ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ??چ ۾ موثر هم آهنگي سان ضابطو آڻي سگهجي ??و. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيرن عيدالاضحيٰ جي ??ناسبت سان عيد جي شاپنگ ۽ قرباني جي جانورن جي خريداري جي حوالي سان ايس او پيز تي عملدرآمد بابت تجويز?? کان صدر کي آگاهه ڪيو. صدر وزيرن کي چيو ته اهي انهن تجويزن جي صوبائي حڪومتن سان ڏي ??ٺ ڪن ۽ سمورن حصيدارن سان مشاورت ڪن ته جيئن انهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. هن عوام تي زور ڏنو ته عيدالاضحيٰ جي ??ناسبت سان شاپنگ ۽ قرباني جي جانورن جي خريداري جي ??اءِ رش ۽ ٻين ميڙ?? کان پاسو ڪن.