اسلام ??باد – 14 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ايئرلائ??نز پاران سعودي عرب ويندڙ مسافرن کان اضافي ڪرايو وصول ڪرڻ جي اطلاع تي ڳڻتي جو اظ??ار ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ سعودي عرب ويندڙ پاڪستاني ڀائرن جي لاءِ هر ممڪن سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. سعودي حڪومت ڪرونا وائرس جي ڪري سعودي عرب کان ٻاهر پاڪستانين کي 72 ڪلاڪن ۾ سعودي عرب واپس پهچڻ جي ڊيڊ لائين ڏني آهي، سعودي عرب ويندڙ سمورن پاڪستانين کان ايئرلائينز جي اضافي ڪرائي وصول ڪرڻ جون شڪايتون اچي رهيون هيون جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر هوابازي واري و??ير غلام ??رور خان سان رابطو ڪيو ۽ وڌيڪ ڪراين تي ڳڻتي جو اظ??ار ڪيو.