اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گذريل 20 سالن کان انتهائي مشڪل حالتن جي باوجود پاڪستان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آ??ي ۽ اسان پنهنجي سمورين مشڪلاتن جي باوجود افغان پناهگيرن جي ميزباني جاري رکي، الله تعاليٰ قرآن پاڪ جي ذريعي اسان کي انسانيت تي رحم ۽ ڪرم جو درس ڏنو آهي، اسلام صرف مسلمانن جي حقن جو احترام ئي ن??و سيکاري پر انسانيت جي تعظيم جو به درس ڏي ٿو، اولهه دنيا ۾ اسلامڪ فوبيا مسلمان پناهگيرن جي مسئلن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو، مودي حڪومت نازي فلسفي کي هٿي وٺرائي رهي آ??ي، موجوده ڀارت گانڌي ۽ نهرو جي ڀارت ناهي رهي، گڏيل قومن ڀارت جي حالتن جو نوٽيس نه ورتو ته عالمي امن کي شديد خطرا لاحق ٿي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ?? افغان پناهگيرن جي قيام جي 40 سالن جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ۾ ڪيو.