اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ 120 نيون احتساب عدالتون قائم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان سان قانون ۽ انصاف و??ري وفاقي وزير بئريسٽر ڊاڪٽر محمد فروغ نسيم اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس اعليٰ عدليه جي حڪمن جي روشني ۾ احتساب ۽ صنفي تشدد جي حوالي ??ان سڄي ملڪ ۾ نيون عدالتون قائم ڪرڻ با??ت تجويزون پيش ڪيون.