لاهور – 29 جولاءِ (اي پي پي) پن??اب جي وڏي وزير سردار عثمان ??وز??ار سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، سياسي صورتحال ۽ ميڊيا حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جا قدم ۽ عوامي ڀلائي جا منصوبا پڻ غور هيٺ آيا. پن??اب جي وڏي وزير سردار عثمان ??وز??ار حڪومتي ڪارڪردگي جي حوالي سان قدمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪندي چيو ته حڪومت جي 2 سالن جي ڪارڪردگي ماضي جي 30 سالن جي دور کان تمام گهڻي بهتر آهي، حڪومتي قدمن کي بهتر انداز ۾ عوام آڏو آڻڻ جي لاءِ ميڊيا جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته ميڊيا جي تعميري تنقي?? سان رهنمائي ملي ٿي. ڪرپٽ عنصرن جو بنا ڪنهن فرق جي احتساب پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو ض??من آهي، قومي وسيلن جي غلط استعمال جي اڳوڻي روايت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.