اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پ?? پي) پاڪستان قومي سلامتي بابت اسرائيلي وزير جي مسجد اقصيٰ جي اڱڻ جي دوري جي اشتعال ??نگيز قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مسجد اقصيٰ هڪ مقدس جڳهه آهي جنهن جو سڄي دنيا جا مسلمان احترام ڪن ٿا، ان جي تق??س جي خلاف ورزي مسلمانن جي مذهبي حساسيت کي مجروح ڪري ٿي ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ اڳ کان ڇڪتاڻ واري صورتحال کي هوا ڏي ٿي. هن چيو ته اسرائيل کي گهرجي ته هو پنهنجا غيرقانوني قدم بند ڪري ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ مسلمانن جي مذهبي جاين جي تق??س جو احترام ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي جائز جدوجهد جي ڀرپور حمايت کي ورجائي ٿو، پاڪستان گڏي?? قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست جنهن القدس الشريف گادي وارو شهر هجي، جي پ??هنجي مطالبي جي تجديد ڪري ٿو.