اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جو ٻيهر ڪنڌ کڻڻ اسان جي قومي ??لامتي جي لاءِ نئون خطرو آهي، اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز ان خطري کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزرا??ظم چيو ته دهشتگردي جو ٻيهر ڪنڌ کڻڻ اسان جي قومي ??لامتي جي لاءِ هڪ نئين خطري جو سبب آهي. اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز ان خطري کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿيون. بنون آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ڌرتي جي بهادر فرزندن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن ??عا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جي قربانين کي قبول ڪري.