اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اينڪ?? پرسن شفا يوسفزئي جي گهر هٿياربند ماڻهن جي زبردستي داخل ٿيڻ ۽ ملازمن تي تشدد ??و سخت نوٽيس وٺندي آءِ جي اسلام آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته واقعي جي شديد مذمت ڪريون ٿا، عوام جي جان ۽ مال جو تح??ظ اولين ذميواري آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جوابدارن ??و سراغ لڳائي قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. وزيراعظم اينڪ?? پرسن شفا يوسفزئي ۽ سندس والدين سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو.