اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پ??ڪس??ان ۽ اومان جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي واپارين ۽ سيڙپڪارن جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اومان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير الشيخ ڊاڪٽر محمد عمر احمد المرحون سان هتي ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته پ??ڪس??ان ۽ اومان جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا وڌيڪ گهرا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي واپارين ۽ سيڙپڪارن جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو، پ??ڪس??ان ۽ اومان جي وچ ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ ڀائراڻي حصيداري آهي. هن چيو ته ??ئي ملڪ گڏيل تاريخ، ثقافتي ورثي، قدرن، عقيدي، روايتن ۽ جاگرافيائي سان ڳنڍيل آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو 653 ملين ڊالر آهي، ان کي وڌيڪ وڌائڻ گ??رجي، پ??ڪس??ان ۽ اومان جي وچ ۾ فيري سروس جي امڪانن جو به جائزو وٺڻ گ??رجي. صدر چيو ته فيري سروس سان پ??ڪس??اني مصنوعات ۽ کاڌي پيتي جون شيون وچ اوڀر برآمد ڪرڻ ۾ آسان?? ٿيندي، فيري سروس سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صدر ان موقعي تي ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ جي وڌندڙ رجحان ۽ اسلامو فوبيا جي پرتشدد واقعن ۾ اضافي جو ذڪر ڪندي ڀارتي فورسز پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصومڪ شميرين جي خلاف ڪيل ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ وڌندڙ اسلامو فوبيا جو نوٽيس وٺي، عالمي برادري سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري.