آستانه – 13 – آڪٽوبر (??ي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تاجڪس??ان جي صدر امام علي رحمان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار، توانائي ۽ رابطن جي ش??بن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، ڪاسا 1000 منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪ??و آهي. اهو اتفاق راءِ رابطن جي فروغ ۽ اعتمادسازي جي قدمن ”سيڪا“ جي ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ۾ ٿيو. وزيراعظم تاجڪس??ان جي صدر کي ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ حڪومت پاران شروع ڪيل بحالي جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو. هن ماحولياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ قدرتي آفتن جي وڌندڙ خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر امام علي رحمان کيس ان سلسلي ۾ تاجڪس??ان پاران مسلسل تعاون جي خاطري ڪرائي جنهن ۾ ٻوڏ بابت ضروري امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي اضافي قافلي جي روانگي پڻ شامل آهي. وزيراعظم گذريل مهيني ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي تاجڪ صدر سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو ۽ مختلف ش??بن ۾ مسلسل وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي رابطن، بين الپارلياماني رابطن ۽ ٽيڪنيڪي سطح جي ملاقاتن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪ??و ته جيئن ٺوس تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. وزيراعظم توانائي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي ڪاسا 1000 منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪ??و ويو، جيڪو وچ ايشيا سان مستقبل ۾ توانائي جي لنگهه جو مرڪز هوندو. وزيراعظم خطي ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي روڊ ٽرانسپورٽ ۽ فضائي رابطن جي شعبي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي زور ڏنو. هن تاجڪس??ان کي گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن تائين پهچ فراهم ڪرڻ جي لاء?? پاڪس??ان جي راضپي کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪ??و. ٻنهي اڳواڻن وسيع تر اقتصادي تعاون خاص طور تي واپار، توانائي ۽ زميني ۽ فضائي رابطي جي ش??بن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪ??و.