اسلام آباد– 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر جو بائيڊن پاران گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي ۾ خطاب دوران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي حالت کي اج??گر ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي ملڪ کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ درپيش آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ان صورتحال کي منه?? ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ عورتن ۽ ٻارن کي گهربل مدد تي ڌيا?? ڏيڻ جي ضرورت آهي.