ڊير?? غازي خان – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ٻوڏ بابت وارننگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ وڏن ڊيمن جي تعمير ضروري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دوري جي موقعي تي ڊير?? غازي خان ضلعي انتظاميا پاران ڏيندڙ بريفنگ دوران ڪيو. صدر ڊير?? غازي خان ۾ 3 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي بيٺل فصل، قيمتي جاني ۽ مالي نقصان ۽ هزارين عمارتن کي پهچندڙ نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي صد?? چيو ته ماڻهن جي جان ۽ مال، چوپائي مال، گهرن ۽ فصلن کي پهچندڙ نقصان جو ازالو ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن ٻوڏ بابت وارننگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته ڊير?? غازي خان ۾ جابلو ٻوڏ جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ڊيلي ايڪشن ڊيمن جي تعمير تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ وڏن ڊيمن جي تعمير ضروري آهي. صد?? چيو ته حڪومت پاران ٻوڏ متاثرين جي نقصانن جو جلد ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي. فصلن جي انشورنس ڪرڻ سان آفتن سبب آبادگارن ۽ هارين جي نقصان کي پورو ڪري سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته آبادگارن کي فصلن جي انشورنس ڪرائڻ جي ترغيب ڏني وڃي. ٻوڏ کانپوءِ بيمارين جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ صح?? جون ضرورتون پوريون ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.