اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ فروغ وقت جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي لاڳاپن جي تاريخي نوعيت آهي، افغانستان جي لاءِ ڪئناڊا جي انسان?? بنيادن تي مدد خوش آئنده آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زرداري اها ڳالهه ڪئناڊا جي پرڏيهي وز??ر ميلاني جولي سان وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي بلا??ل ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي قيام جي ڊائمنڊ جوبلي جي پڄاڻي جي موقعي تي پنهنجي پاڪستاني هم منصب بلا??ل ڀٽو زرداري سان ڳالهائيندي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زرداري ۽ ڪئناڊا جي پرڏيهي وز??ر ميلاني جولي عالمي ۽ علائقائي لاڳاپن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير ۽ سندس ڪئناڊا جي هم منصب گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.