اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز جو دو??و ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو پيپس بورڊ آف گورنر جي صدارت سنڀالڻ کانپوءِ اداري جو پهريون دورو هو. ان موقعي تي پيپس جي ايگزيڪيوٽو محمد انور اسپيڪر کي ادارو قائم ڪرڻ جي مقصدن ۽ ان جي ڪارڪردگي با??ت بريفنگ ڏني. اسپيڪر پيپس ۾ جديد پارلياماني علم جا ڪورسز متعارف ڪرائڻ کانسواءِ اداري جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عوام جي بهترين مفاد ۾ قانونسازي جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ نوجوان پارليامينٽرينز تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر چيو ته پيپس کي پنهنجو پاڻ کي قانونسازي ۽ قانون نويسي جي شعبن ۾ هڪ جديد درسگاهه طور ??تعارف ڪرائڻ گهرجي. اسپيڪر پيپس جي مختلف آفيسن جو پڻ دو??و ڪيو ۽ پيپس جي اسٽيٽ آف دي آرٽ بلڊنگ کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ به هي ادارو پنهنجا هدف مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکندو.