اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته کيس هر لمحي معاشي بدحالي کان متاثر سفيد پوش طبقي جي مشڪلاتن جو احساس ستائي ٿو، رمضا?? ۾ ??ام ماڻهو جي مشڪلاتن کي ڪجهه گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اٽي ۽ کنڊ جي قي??ت ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مون کي هر لمحي اهو احساس ستائيندو رهي ٿو ته معاشي بدحالي جي موجوده حالت?? ۾ ??فيد پوش طبقي جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اسان ڇا ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان کي قومي خزانو جنهن حالت ۾ مليو آهي اهو منهنجي ان خواهش کي پورو ڪرڻ جي قابل نه آهي پر پوءِ به رمضان مهيني دوران پنهنجي لاچار ۽ مجبُور مُلڪ واسين جي مشڪلاتن کي ڪجهه گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مُون پنجاب ۾ 10 ڪلو اٽي جي قي??ت 550 رپين مان گهٽ ڪري 400 رپيا ۽ رمضان بازار / يوٽيلٽي اسٽورز ۾ کنڊ 75 رپين مان گهٽ ڪري 70 رپيا في ڪلو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته آئون توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته ملڪ جي معاشي حالتن کي ??هتر ڪرڻ جي لاءِ اسان ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن پنهنجي عوام کي وڌ کان وڌ خدمت ڪري سگهون.