اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪ چين حصيداري بين الرياستي لاڳاپن ۾ بي مثال آهي، اڻٿڪ گڏيل حمايت، هڪ ٻئي تي اعتماد ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي اسان جي دوستي جي تاريخ منفرد حيثيت رکي ٿي جنهن کي گذريل 7 ڏهاڪن کان نسل درنسل اسان جي قيادت ۽ عوام مسلسل پروان چاڙهيو آهي، اهو گڏيل ڀائيچارو هڪ مضبوط ۽ فعال سدابهار تزويراتي مددگار حصيداري ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. اها ڳالهه هن نا??يو??ري چيني اخبار گلوبل ٽائيمز ۾ شايع ٿيندڙ هڪ مضمون ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته اسان جا رابطا عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي جي لاهن چاڙهن کان قطعي نظر آزمايل ۽ هر وقت آهن. گذريل سال اسان جي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه ملهائڻ ??اء?? عظيم الشان تقريبن اسان جي دوستي کي نئين قوت ۽ ولولو ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان جي ??اء?? چين سان لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهن، جنهن کي سياسي ح??ايت حاصل آهي ۽ آئون اها ڳالهه پوري اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته اسان جي عوام ان دوستي جي ح??يقي قدر جو ڀرپور ادراڪ رکي ٿي ۽ ان جي وڌيڪ فروغ ??اء?? جذب?? سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سرمائي اولمپڪ گيمز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي ??اء?? چين جو دورو ڪندو. هو پاڻ هڪ رانديگر هجڻ جي ناطي ان جذبي کي سمجهي ٿو جيڪو هڪ قوم ۾ اولمپڪس جهڙين راندين جي مقابل?? سان پيدا ٿئي ٿو، آئون سمجهان ٿو ته رانديون يڪجهتي جو عنصر هونديون آهن ۽ اهي سياست کان مٿانهون هجڻ گهرجن. وزيراعظم ان وڏي ايونٽ جي ميزباني تي چين جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ سمورن شرڪت ڪندڙن جي صحت ۽ تحفظ ۽ ڪامياب راندين جي ??اء?? نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.