اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينئر اداڪار رشيد خان جي لاڏاڻي ??ي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته رشيد خان بي شمار فلمن ۽ ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، هن پشتو، هندڪو ۽ اردو زبان جي پي ٽي وي ڊرامن ۾ شاندار اداڪاري سان ماڻهن جون دليون کٽيون. پنهنجي بي??ن ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته رشيد خان اداڪاري ۾ من??رد مقام رکندو هو، ان جا ڊراما اڄ به مشهور آهن، ان جي لاڏاڻي ??ان شوبز انڊسٽري ۾ پيدا ٿيندڙ خلا ڪڏهن به پُر نه ٿيندو، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم رشيد خان کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام ۽ پوئينرن کي صبر ۽ جميل عطا ف??مائي.