اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان آمريڪي ناظم الامور اينجيلا ايگلر ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ علائقا??ي سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ خاص طور تي افغانستان جي ??ورتحال ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون ??ي فروغ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته افغانستان کي انساني بحران کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري ??ي فوري ڪوششن جي ??رورت آهي، ان موقعي اينجيلا ايگلر خطي ۾ قيام امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪوششن کي ساراهيو.