پنڊ ??اد?? خان – 28 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو لڳائيندڙن ٻه، ٻه هزار رپين ۾ ووٽ خريد ڪيا جيڪو شرمناڪ قدم آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف انهي نظام جي خلاف بيٺل آه??، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان سڀ کان وڌيڪ گهٻراهٽ به انهن ئي ماڻهن کي آهي، 2016ع ۾ به (ن) ليگ پنڊ ??اد?? خان ۾ ماڻهن کي پئسن جي لالچ ڏئي ووٽ خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئ??، اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن (ن) ليگ جي وائرل ٿيندڙ وڊيو تي نوٽيس جاري ڪندو. عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته (ن) ليگ جو چونڊ طريقو ئي ڌانڌلي تي ٻڌل آه??، اهي ماڻهو ڪنهن خاص مقصد جي لاءِ اقتدار ۾ اچن ٿا. هن چيو ته (ن) ليگ 1990ع جي اليڪشن ڌانڌلي سان کٽ??، اها ڌانڌلي سپريم ڪورٽ به ڊڪليئر ڪري چڪي آهي. چوڌري فواد حسين مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر کي مشورو ڏنو ته اهي فلمون ٺاهڻ جو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏين، سياست انهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. هن چيو ته جڏهن به انهن جي خلاف ڪو ڪيس کلي ٿو ته ڪا نه ڪا وڊيو سامهون اچي وڃي ٿي، بعد ۾ خبر پوي ٿي ته اها وڊيو جعلي هئي. هن چيو ته (ن) ليگ اهڙن حربن سان عدليه ۽ فوج تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اسان جي هر علائقي ۾ فوجي ۽ غازي موجود آهن، فوج جا جوان سيني تي گولي کائڻ جي لاءِ تيار رهن ٿا، ڇاتي تاڻي سرحدن تي بيٺل هوندا آه??، انهن کي ڪير بليڪ ميل ڪري سگهي ٿو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاناما پيپرز ۾ نواز شري?? ۽ ??ريم نواز جي م??ڪي??ن جو انڪشاف ٿيو، انهن جون م??ڪي??ون اهڙن علائقن ۾ سامهون آيون جتي برطانيا جو وزيراعظم به شايد م??ڪي?? خريد نه ڪري سگه??، انهن م??ڪي??ن جي انڪشاف کانپوءِ مريم نواز چيو ته ان جي لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا م??ڪي?? نه آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شري?? ۽ ??ريم نواز وٽ انهن م??ڪي??ن جا ثبوت ئي موجود نه آهن، رسيدون آهن ته اهي سامهون آڻين، نه آهن ته انهن کي ڦريل پئسو واپس ڪرڻو پوندو يا جيل وڃڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ عمران خان جي مقابلي جو ڪو ليڊر موجود نه آهي، گوادر، پشاور، ڪراچي، حيدرآباد، سکر سميت پوري ملڪ ۾ عمران خان جو ووٽ بئنڪ موجود آهي، جيڪڏهن ڪير ملڪ کي ترقي ڏئي سگهي ٿو ته اهو عمران خان آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ واحد سياسي پارٽي آهي جيڪا وفاق جي علامت آهي، عمران خان واحد ليڊر آهي جيڪو فرقيواريت ۽ صوبائيت جي ڳالهه نه ٿو ڪري، رڳو پاڪستان جي ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کانسواءِ ڪا سياسي پارٽي اهڙي نه آهي جيڪا سمورين سيٽن تي پنهنجا چونڊ اميدوار بيهاري سگهي، پيپلزپارٽي اندرون سنڌ جي پارٽي بڻجي رهجي وئي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجا 5 سال پورا ڪند??، ايندڙ اليڪشن ۾ به ان جو ڪو مقابل نه آهي. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ مهانگائي جو بنيادي سبب اڳوڻن دورن ۾ ڪئي ويندڙ ڪرپشن آه??، اڳوڻي دور ۾ ڪرپشن جي ڪري ملڪ ۾ اڄ معاشي مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنداسين. هن چيو ته تعلقي پنڊ ??اد?? خان کي ٽن سالن دوران اسان جهڙي طريقي سان تبديل ڪيو آه??، ان جو مثال نه ٿو ملي، پنڊ ??اد?? خان ۾ 61 ارب رپين جا منصوبا ٽن سالن دوران ڏنا ويا، 43 ارب رپين جي جلال پور واهه منصوبي سان علائقي ۾ لکين ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي. مارچ 2023ع ۾ ان منصوبي جو پهريون فيز مڪمل ٿي ويندو ۽ زمينن کي پاڻي ملڻ شروع ٿي ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مون هن علائقي جي ماڻهن کي چيو هو ته اهي پنهنجون زمينون وڪرو نه ڪ??، اڄ علائقي ۾ ترقياتي ڪمن جي ڪري هتان جي زمينن جي ريٽ ۾ به اضاف ٿيو آهي. هن چيو ته علائقي ۾ ٻارن جي لاءِ تعليمي ادارن جون سهولتون به فراهم ڪيون پيون وڃ??، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي قيام سان ٻارن کي اعليٰ تعليم جي لاءِ بين علائقن ۾ وڃڻو نه پوندو. ان موقعي تي علائقي جي معززين پڻ خطاب ڪيو ۽ تڪ جي ترقي جي لاءِ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جي ڪوششن کي ساراهيو. علائقي جي اڳواڻن چيو ته تڪ جي 50 سالا تاريخ ۾ ڪو اهڙو ليڊر نه آيو جنهن چوڌري فواد حسين وانگر علائقي جي ترقي جي لاءِ قدم کنيا هجن. هن چيو ته چوڌري فواد حسين اسان جي چونڊ آه??، انشاءَ الله سندس سرپرستي ۾ هي خطو ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ٿيندو.