اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) ڪابل ۾ پاڪستا??ي سفارتخاني افغانستان مان نڪرڻ جي خواهشمند ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪ??ي رهيو آهي، گهڻو ڪري مغربي ملڪ افغانستان مان پنهنجو سفارتي عملو ڪڍڻ ۾ مصروف آهن ۽ وڌ کان وڌ سفارتي مشنز بند ڪيا ويا آهن.
ڪابل ۾ پاڪستا??ي سفارتخانو افغان شهرين ۽ ٻين ملڪن جي شهرين کي افغانستان مان نيڪالي تي مدد فراهم ڪ??ي رهيو آهي. ڪابل ۾ پاڪستا??ي سفير منظور احمد خان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته افغانستان مان نڪرڻ جي خواهشمند ماڻهن کي ويزا ۽ قونصلر خدمتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ ان حوالي سان سمورن بين الاقوامي ادارن، سفارتڪارن، تنظيمن ۽ ميڊيا جي نمائندن جي افغانسان مان حفاظت سان منتقلي ۽ وطن واپسي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن.
هن چيو ته افغانستان ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن کي هن وقت تائين 400 و??زا??ون جاري ڪيون ويون آهن. ٻين ملڪن جي شهرين کي 800 و??زا??ون جاري ڪيون ويون آهن. گذريل آچر تي طالبان ڪابل تي ڪنهن خون خرابي کان سواءِ قبضو ڪري ورتو هو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن پنهنجا سفارتي مشنز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪندي سفارتي عملي کي فوري طور تي افغانستان مان نڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن سبب افراتفري ۾ واڌ ٿي آهي جڏهن ته ڪابل جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي افغانستان مان نڪرڻ جي خواهشمند ماڻهن جو گهڻي تعداد سبب صورتحال پيچيده ٿي وئي آهي.
هن ان حوالي سان پاڪستان مختلف ملڪن جي شهرين جي سهولت جو دائرو وسيع ڪيو. ۽ بين الاقوامي ميڊيا سفارتڪارن ۽ پاڪستان رستي دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ٿيڻ جي خواهشمند افغان شهرين لاءِ عارضي و??زا??ون جاري ڪرڻ جي دائريڪار کي وڌائيندي کين هر طرح جي معاونت فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. پاڪستا??ي سفير اهڙن ماڻهن کي هدايت ڪئي ته هو سفارتخا??ي سان رابطو ڪن. هن چيو ته اسان افغان صحافين ۽ انهن جي ڪٽنبن کي غيريقيني جي صورتحال ۾ ويزا فراهم ڪرڻ جا خصوصي قدم کڻي رهيا آهيون.
ميڊيا سان واڳيل ماڻهو ويزا حاصل ڪرڻ جا خواهشمند پاڪستا??ي سفارتخاني جي پريس قونصلر سان واٽس ايپ نمبر 00923222807687 تي رابطو ڪن ته جيئن انهن کي سهولتون فراهم ڪري سگهجن. پاڪستا??ي سفارتخاني جي پريس قونصلر طاهر نواز ڪابل مان اي پي پي کي ٻڌايو ته هن وقت تائين ميڊيا نمائندن کي 400 جي لڳ ڀڳ و??زا??ون جاري ڪري چڪا آهيون. هن چيو ته انهن ۾ ا??غان ۽ ٻين ملڪن جي ميڊيا جا نمائندا شامل آهن جيڪي افغانستان ۾ مقامي ۽ بين الاقوامي ميڊيا لاءِ خدمتون فراهم ڪ??ي رهيا هئا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي پبلڪ ڊپلوميسي ونگ پنهنجي اهلڪارن جا ٽيليفون نمبر شايع ڪيا آهن ته ڪنهن به قسم جي معاونت لاءِ ويزا آفيسر 009300728627، ويزا اسسٽنٽ 0093786324769 ۽ سفير جي نمبر 0093707300900 سان رابطو ڪري سگهجي ٿو.