اسلام ??باد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد 14 آگسٽ 2021ع تي پنهنجي حصي جو ٻوٽو پوکڻ کانپوءِ ??وم کي آزادي جي مبارڪباد ڏني. پنهنجي هڪ خصوصي وڊيو پيغام ۾ هن ماحوليات جي حوالي سان پاڪستان جي ڪاميابين جي فهرست پيش ڪئي. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته وزيراعظم جي اپيل تي اسان سڀني اڄ پنهنجي حصي جو ٻوٽو لڳائڻو آهي، هن چيو ته ماحوليات جي تحفظ لاءِ ??اڪستان ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، سينيٽر فيصل جاويد وڌيڪ چيو ته اسان خبرپختونخوا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ٻوٽا پوکيا آهن، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان هن ڀ??ري 10 ارب وڻن جي وڻڪاري جو هدف مقرر ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ماحوليات جي حوالي سان يو اين جا هدف مقرر مدي کان 10 سال اڳ ئي حاصل ڪري ورتا آهن، هن پاڪستاني قوم کي اپيل ڪئي ته اسان سڀني کي اڄ پنهنجي حصي جو ٻوٽو پوکڻو آهي ۽ پنهنجي تصو??ر حڪومت پاڪستان کي موڪلڻي آهي.