اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ يونٽ – 2 (ڪي – 2) جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۽ بيجنگ ۾ پاور پلانٽ جي افتتاح جي تقريبن جو ورچوئل انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ وزيراعظم عمران ??ان ??سلام آباد مان ??رڪت ڪئي، تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز، توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، وفاقي وزير حماد اظهر، ايٽامڪ انرجي ڪميشن جو چيئرمين محمد نعيم ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ايٽامڪ انرجي ڪميشن جي چيئرمين وزيراعظم عمران ??ان ??و تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ تي ٿورو ادا ڪيو. انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروزي به تقريب کي ورچوئل خطاب ڪيو ۽ پاڪستان ??ي پرامن مقصدن لاءِ ايٽمي توانائي جي استعمال کي ساراهيو ۽ ان کي محفوظ ۽ ماحول دوست قرار ڏنو. چائنا ايٽامڪ انرجي اٿارٽي جي چيئرمين پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي سالگرهه جي مبارڪباد ڏيندي ان منصوبي کي پاڪ چين دوستي جو مظهر قرار ڏنو ۽ چيو ته چين پاڪستان ??ان ??عاون جاري رکندو، ڊي جي ايس پي ڊي ۽ لاڳاپيل عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. ڪي ٽو نيوڪليئر پاور پلانٽ جديد ترين نوعيت جو جنريشن ٿري جو نيوڪليئر پاور پلانٽ آهي جيڪو حفا??ت ۽ سيفٽي جي جديد ترين انتظامن سان ليس آهي، ان ۾ اندروني ۽ ٻاهرين تحفظ ۽ حادثن کان ??چاءُ کانسواءِ ايمرجنسي جي صورت ۾ بچاءُ ۽ ازالي جي جديد ترين ??هو??تون شامل آهن.