اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي مجموعي طور 32 س??ڪڙ??، مسلم ليگ (ن) 56 س??ڪڙ?? جڏهن ته موجوده حڪومت ٽن سالن ۾ 21 س??ڪڙ?? قرض ورتو، حڪومت ساليانو 3 هزار ارب روپيا قرض ادا ڪرڻ لاءِ ڏئي رهي آهي. موجوده حڪومت پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ورتل قرضن کي واپس ڪري رهي آهي، جيڪڏهن بجيٽ مان قرضن تي وياج جي ادائيگي ڪڍون ته حڪومت جو پرائمري بيلنس سرپلس ۾ آهي، يعني بجيٽ موجب حڪومتي آمدني خرچن کان وڌيڪ آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته 2008ع ۾ ٻاهريان قرض 46 بل??ن ڊالر هئا جيڪي 2013ع تائين وڌي ڪري 60.09 مل??ن ڊالر هئا، پيپلزپارٽي جي دور ۾ ٻاهرين قرضن ۾ 32 س??ڪڙ?? اضافو ٿيو، 2013ع کان 2018ع تائين ملڪ جا ٻاهريان قرض 95.24 بل??ن ڊالر هئا، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٻاهرين قرضن ۾ 56 س??ڪڙ?? اضافو ٿيو، موجوده حڪومت مارچ 2021ع تائين مجموعي قرضن جو 21 س??ڪڙ?? قرض ورتو، موجوده حڪومت پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ورتل قرضن کي واپس ڪري رهي آهي. هن چيو ته سڀئي ڪاميابيون ??زيراعظم عمران خ??ن جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ فيصلن جي ڪري حاصل ٿيون آهن.