اسلام آباد – 26 – مئي (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب سان متحده عرب امارات (يو اي اي) جي سفير عماد عبيد ابراهيم الزابي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون، سياحت، واپار ۽ ماحولياتي تبديلين سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو ته گرين ڊپلوميسي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ نيون راهون فراهم ڪندي آهي، هن چيو ته متحده عرب امارات ۽ پاڪستان گڏيل اعتماد تي ??ڌل خوشگوار لاڳاپن مان مستفيد ٿي رهيا آهن، متحده عرب امارات پاڪستانين جي لاءِ ٻي گهر وانگر آهي، ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جا وسيع امڪان موجود آهن جن کي ??ستعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. مملڪتي ??زير ٽيڪسٽائيل ۽ گارمينٽ جي صنعت ۾ ڪاروباري صلاحيتن جي فروغ لاءِ يو اي اي جي سفير الزابي جي فيصل آباد جي دوري کي ??اراهيو، مملڪتي ??زير فرخ حبيب يو اي اي جي سفير کي ??گاهه ڪيو ته پاڪستان جون زرعي مصنوعات سڄي دنيا ۾ مشهور آهن، پاڪستاني واپارين جي ذريعي انهن شين کي وچ اوڀر جي مارڪيٽن تائين پهچ ملڻ سان ترقي جا نوان موقعا ميسر ايندا، ڌرين ٻنهي ملڪن جي سرڪاري نيوز ايجنسين جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آزاداڻي معلومات جي فراهمي ۽ هڪٻئي جي ثقافت کي ??مجهڻ ۾ مدد ملندي.