اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي فلسطيني عوام تي اسرائي??ي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذ??ت ڪندي هڪ متفقه قرارداد جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، او آءِ سي ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته فلسطين تي اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪرائڻ جي لاءِ فوري طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن، فلسطينين جي نسل ڪشي، انهن جي پنهنجي علائقن مان جبري بيدخلي ۽ فلسطين جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي عمل کي فوري طور تي روڪيو وڃي، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل اسرائيلي حڪومت پاران فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشي جي ڏوهه جي جاچ جي لاءِ آزاداڻو انڪوائري ٽربيونل قائم ڪ??ي. ??ومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي فلسطين تي اسرائي??ي جارحيت جي خلاف مذ??تي قرارداد پيش ڪندي چيو ته هي ايوان اسرائيل پاران فلسطين جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ تي سخت ڳڻ??ي جو اظهار ڪري ٿو ۽ معصوم فلسطيني عوام تي منظم ظلم ۽ ڏاڍ جي سخت لفظن ۾ مذ??ت ڪري ٿو.