اسلام آباد – 04 – مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان زرعي ترقي جي رستي ۾ مشڪلاتن کي فوري حل ڪرڻ، ترقي جي عمل جي مسلسل نگراني ۽ مناسب وقت تي سمورين ڌرين جي مشاورت سان موثر فيصلاسازي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪي زرعي شعبي جي ترقي هاڻي اولين ترجيحن ?? شامل آهي، ان ڏس ۾ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار زراعت بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.