اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين مولانا فضل ال??حم??ن جي بيان ”اسان 24 ڪلاڪ به جنگ وڙهڻ جي قابل نه آهيون“ جي سخت ??فظ?? ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بزرگ مولانا صاحب نوجوان بلاول ڀٽو پاران ”عزت افزائي“ جو صدمو برداشت نه ٿو ڪري سگهي ان لاءِ هاڻي انهن معاملن تي ڳالهائي رهيو آهي جن جي کيس خبر ئي نه آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ چوڌري فواد ??سين چيو ته مولانا فضل ال??حم??ن غيرذميواراڻي بيانن کان پا??و ڪري، مولانا کي پاڪستان جي صلاحيتن تي ان و??ت به شڪ هو جڏهن هو چوندو هو ته طالبان جبلن تي پهچي چڪا آهن.