اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ??يلويز سياحت ??ي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ٽوئرسٽ سفاري ٽرين ان ڏس ۾ اهم قدم آهي. اهڙن خيالن جو اطهار هن ريل??ي واري وفاقي وزير سيني??ر اعظم خان ??واتي سان گڏ گولڙه ريلوي اسٽيشن تي سفاري ٽرين جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي ڪيو. ٽوئرسٽ سفاري ٽرين هر جمعي، ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن سياحن کي گولڙه اسٽين کان ??سن ابدال، اٽڪ خورد ۽ اٽڪ سٽي ۽ ڀرپاسي جي جاين جي سير ڪرائيندي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٽوئرسٽ سفاري ٽرين حڪومت پاران مقامي سياحت ??ي فروغ لاءِ اهم قدم آهي، سفاري ٽرين جو تصور سٺو آهي. تفريح ۽ سياحت ??و ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ريل??ي واري وزير سيني??ر اعظم سواتي چيو ته تاريخي گولڙه ريلوي اسٽيشن تان ٽرين قديم روٽ تي هلندي جنهن سان پاڪستان ??و ثقافتي ۽ تاريخي ورثو ڏسڻ لاءِ ملندو. هن چيو ته پاڪستان ??يلوي هڪ قيمتي اثاثو آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ان ٽرين کي آندو ويندو. هن چيو ته ريل??ي واري وفاقي وزير محمد اعظم خان ??واتي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. سفاري ٽرين جي ڪري تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي، سياحت ??ي فروغ ۾ پاڪستان ??يلوي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اميد آهي ته مستقبل ۾ به اهڙا قدم کنيا ويندا جنهن سان نه رڳو اداري کي منافعو ڏيندڙ بڻايو ويندو پر پاڪستان ??و مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. سينيٽر تاج محمد آفريدي، سينيٽر سجاد حسين طوري، مرزا محمد آفريدي، اورنگزيب اورڪزئي، نصيب الله بازئي، دلاور خان ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي ماڻهن کانسواءِ عوام جو وڏو انگ گولڙه ريلوي اسٽيشن تي موجود هو. سينيٽ چيئرمين، وفد جي ميمبرن ۽ ريل??ي واري وفاقي وزير سيني??ر اعظم خان ??واتي ميوزيم جو دورو پڻ ڪيو.