پشاور – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر جي لُٽ مار جي ڪري پاڪستان قرضي ٿيو، ماضي جي حڪ??رانن جي شاهه خرچين ??ان خرچ وڌيا، وزيراعظم پنهنجي گهر ۾ رهندو آهي ڪا ڪيمپ آفيس نه آهي، تحريڪ انصاف جو شروع کان موقف رهيو آهي ته چونڊون اوپن بي??ٽ جي ذريعي ٿيڻ گهرجن. پشاور ۾ ميڊيا ??ان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته سڄي ملڪ ۾ صحت جي نظام ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون. صحت ڪارڊ بنا ڪنهن فرق هر خاندان کي ڏنو پيو و??ي، پر سنڌ ۾ صحت جو نظام گهڻو خراب آهي. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ 8 سالن کان ا??ان جي حڪ??مت آهي، صوبي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪ??مت هر شعبي ۾ ڪم ڪيو.