اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپٽ سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳي ٿو، تبديلي جدوجهد سان اچي ٿي سوئچ دٻائڻ سان نه، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ ملڪي نه ذاتي مفادن جي لاءِ گڏ ٿيا ??هن، مخالف ڌر چاهي ٿي ته فوج تي ايترو دٻاءُ وجهون جو اها چونڊيل حڪومت ڪيرائي ڇڏي، ڪرپٽ عنصرن کي اين آر او ڏيڻ سان ملڪ کي نقصان ٿيندو، عوام چورن جي لاءِ ٻاهر ناهي نڪرندي، موجوده حڪومت معيشت جي استحڪام لاءِ اهم ۽ مشڪل فيصلا ڪيا ??هن، ملڪي روانگي واپار ۽ تعميراتي شعبو ترقي ڪري رهيا ??هن، اقتصادي اشارا مثبت آهن، ٽيڪس نظام ۾ شفافيت جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي آڻينداسين، احساس پروگرام ۽ ه??لٿ ڪارڊ حڪومت جا انقلابي قدم آهن، بيوروڪريسي جي ڍانچي ۾ سڌارا آڻي رهيا ??هيون، ماضي جي وفاقي حڪ??مت?? بلوچستان جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي سان آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، 2021ع جي آخر تائين پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي هر غريب خاندان وٽ ه??لٿ ڪارڊ هوندو، فرقيواراڻي شدت پسندي ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، ڀارت پا??ست??ن ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، ڀارت جيستائين 5 آگسٽ 2019ع جا قدم واپس نه ٿو وٺي ان سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن. سوشل ميڊيا ??ان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جن معاشرن ۾ اخلاقيات تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو اهي ئي اڳتي وڌن ٿا، الله تعاليٰ اسان کي چڱائي برائي بابت واضح طور تي ٻڌائي ڇڏيو آهي، جڏهن اخلاقي طور تي قوم زوال جو شڪار ٿي وڃي ٿي ته پوءِ اها هر لحاظ سان زوال پذير ٿئي ٿي، ميڊيا ??و ڪم ملڪ ۾ اخلاقي قدرن ۽ قانون جي حڪمراني جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ آهي، ميڊيا واچ ڊاگ جو ڪم ڪري ٿي.