اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي دفاع واري وزير وي فنگ هي کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. معزز مهمان کي ايوان صدر ۾ پروقار تقريب ۾ ان اعزاز سان نوازيو ويو. تقريب ۾ دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، وزيراعظم جو قومي سلامتي معاملن وارو خاص م??اون معيد يوسف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف آرمي اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، ٽنهي هٿ??اربند فوجن ??ي سربراهن سميت اعليٰ عملدارن شر??ت ڪئي.