اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان افغان صدر اشرف غني جي دعوت تي ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو، آگسٽ 2018ع ۾ وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سندس افغانستان جو اهو پهريون دورو آهي، وزيراعظم ع??ران خان افغان صدر اشرف غني سان گذريل ٻن سالن جي دوران پاڪستان ۽ افغانستان جي ٻه طر??ي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل مقصدن جي فروغ ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوششن جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان تفصي??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پڌرنامي موجب وزيراعظم هڪ پرامن، مستحڪم، متحده جمهوري، خودمختيار ۽ خ??شحا?? افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو، هن پنهنجي ان پراڻي موقف کي به ورجايو ته افغانستان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ خ??شحالي جي لاءِ ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، وزيراعظم ع??ران خان افغان عوام جي تحفظ لاءِ جنگ بندي ۽ تشدد ۾ گهٽتائي لاءِ سمورين ڌرين تي ضروري قدم کڻڻ تي زور ڏنو، وسيع البنياد ۽ جامع سياسي حل جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته امن عمل ۾ افغان عوام جي فيصلن جو احترام ڪري، هن انهن عنصرن کي به خبردار ڪيو جيڪي امن ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.