اسلام آ??اد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته 330 ميگاواٽ جي ٿر بلاڪ ٽو پاور پلانٽ تي ڪم تيزي سان جاري آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته ٿر انرجي لميٽيڊ ۽ حبڪو ڪوويڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کان متاثر ٿ??ڻ کانسواءِ منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهن، ان منصوبي ۾ 50 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي آهي ۽ 805 مقامي ماڻهن کي سڌوسنئون ??وز??ار مليو آهي. هن چ??و ته ان منصوبي جي مالياتي معاملن کي هلندڙ سال 31 جنوري تي حتمي شڪ?? ڏني وئي هئي.