اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نئو?? پاڪستان هائوسنگ جو وڏو تعميراتي منصوبو حڪومت پاران شروع ڪيو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري و??اقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ان سان عوام جو پنهنجي گهر جو خواب پورو ٿي سگهندو جڏهن ته تعميراتي شعبي کي مختلف مراعتن سان سهولتون ڏنيون ويون آهن ته جيئن معيشت جو ڦيٿو هلي ۽ روزگار پيدا ٿئي.