اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حم??د اظهر چيو آهي ته وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ ڪو نئون ٽيڪس ناهي لڳايو، 1600 کاڌي پيتي جي شين تي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 10 ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيا ويا آهن، صحت جي بجيٽ ٻيڻي ڪئي ??ئي آهي، ا??ن ايف سي ايوارڊ جا فنڊز نه ٿا روڪي سگهجن، ٽيڪس فري بجيٽ، صح?? ۽ ??عليم ۾ اضافي، م??لي امداد جي پئڪيج ۽ ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ وقت سر فيصلاسازي تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، اسان کي پنهنجي وسيلن موجب اڳتي وڌڻو آهي، ا??ير ملڪن جا وسيلا وڌيڪ آهن، ا??ي مهينن تائين لاڪ ڊائون جي صورتحال ۾ رهي سگهن ٿا، اسان ائين نه ٿا ڪري سگهون. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ م??لي سال 21 – 2020ع جي بجيٽ تي بحث سهيڙيندي وفاقي وزير حم??د اظهر چيو ته سينيٽ ميمبرن، ڪميٽي جا ٿورا مڃان ٿو جن بجيٽ جي حو??لي سان سفارشون ڏنيون آهن، عوام هن بجيٽ ۾ اهو ئي ڏسڻ پئي چاهيو ته پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي بجيٽ ٺاهي وڃي ۽ سفارشون ڏنيون وڃن، اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته ميمبرن جي سفارشن کي سنجيدگي سان وٺون، چيو ويو ته معيشت جي خراب حالت آهي، ائين نه آهي، ڪورونا لاڪ ڊائون کان اڳ ڪرنٽ اڪائونٽ، واپاري خسارو ايترو خراب نه هو، پرائمري سرپلس پهريون ڀيرو ٿيو. 4800 ارب جي ٽيڪس وصولي جو هدف حاصل ڪرڻ جي حو??لي سان پرعزم هئاسين، فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ ٻيڻي ٿي، ا??ف بي آر پهرين کان وڌيڪ ري فنڊ ۽ ڪليمز ڏنا، ڪاروبار کي آسان بڻايو، ا?? حو??لي سان اسان جي عالمي درجابندي بهتر ٿي، ا??ف اي ٽي ايف جي حو??لي سان 27 مان 14 نقطا پورا ڪيا، ڪورونا جي آفت سان پوري دنيا متاثر ٿي، اسان جي معيشت کي به ان سان تمام گهڻو نقصان ٿيو.