اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ آسانيون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان وڏو فيصلو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته لائسنسنگ جو طريقيڪار آسان بڻ??ئي خودڪار نظام متعارف ڪرايو وڃي، صوب??ئي حڪومتون 74 مختلف قسم جا لائسنسز فوري طور تي ختم ڪن ته جيئن عام ماڻهو آساني سان ننڍو ڪاروبار شروع ڪري سگهن. و??ير??عظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب و??ير??عظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪاروبار ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ لاءِ و??ير??عظم وڏو فيصلو ڪندي مڪاني حڪومتن جي سطح ??ي مختلف ڪاروباري سرگرمين لاءِ گهربل ڏيڍ سئو جي لڳ ڀڳ مختلف لائسنسز جي نظام کي ختم ڪرڻ ۽ ضروري لائسنسز جي طريقيڪار آسان بڻائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي خودڪار نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.