اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مني گرام ڪمپني جي چيف ايگزيڪيٽو ۽ چيئرمين وليم اليگزنڊر هولمز جي قي??دت ۾ وفد وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ۽ واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ملاقات ۾ موجود هئا، مني گرام انٽرنيشنل ان ڪارپوريشن رقم جي پهچ ۽ ع??لم?? طور تي تسليم ٿيل آمريڪي ڪمپني آهي جيڪا 200 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ساڍا 3 لک جي لڳ ڀڳ ايجنٽ هنڌن تي پنهنجون خدمتون فراهم ڪ??ي رهي آهي.