اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقاف?? واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ سپريم ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ انڊيپنڊنٽ گ??وپ جي اميدوار ميان رئوف عطاءَ کي سپريم ڪورٽ بار جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعا?? واري وفاقي و??ير چيو ته وڪيل برادري هڪ بهترين شخصيت کي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر چونڊيو آهي. هن چيو ته وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آهن، قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ جمهوري روايتن جي فروغ ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته وڪيل بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نئون چونڊيل صدر ۽ ٻيا عهديدار آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندا رهندا. هن چيو ته فاتح پينل وڪيل برادري جي مسئلن جي حل ۽ اهم عدالتي معاملن ۾ موثر ڪردار ادا ڪندو. اطلاعا?? واري وفاقي و??ير انڊيپنڊنٽ گ??وپ جي سربراهه احسن ڀون کي پڻ رئوف عطاءَ جي شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.