اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم خطي ۽ ان کان ٻاهر جي عوام جي لاءِ به هڪ روشن مستقبل جي نويد بڻجي سگهي ٿي. ايڪس تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 23هين شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو جنهن ??ي خطاب ڪندي پاڪستان جي ان تعميري ڪردار ??ي روشني وڌي جيڪو پائيدار ترقي، علائقائي رابطن ۽ اقتصادي حصيداري کي وڌائڻ، موسمياتي تبديلي کي مضبوط بڻائڻ ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن ??ڏيل تعاون ۽ عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارن جي اهم??ت کي اجاگر ڪندي هڪطرفي قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪو عالمي قانون جي ابتڙ آهي.