اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته 5 آءِ پي پيز سان ٿيندڙ معاهدا انهن جي گڏيل رضامندي سان ختم ڪيا ويا آهن، انهن آءِ پي پيز قومي مفاد کي ذاتي مفاد تي مٿانهون رکيو، ان سان 411 ارب رپين جي ??چت ٿيندي، معيشت جي ??هتري لاءِ تيزي سان قدم کنيا پيا وڃن، اسان جي معيشت مسلسل استحڪام طرف گامزن آهي، پر??يهي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. وفاقي ڪابينا جي ??جلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الله جو شڪر آ??ي ته ملڪي معيشت استحڪام جي ??اهه تي گامزن آهي، گذريل ڏينهن هڪ ٻي خوشي جي ??بر آئي ته اسان جو ٽه ماهي پر??يهي ناڻو 8 ارب 80 ڪروڙ ڊالر کان ٽپي ويو آهي، جيڪو ماضي جي ??ڀني ٽه ماهي پر??يهي ناڻي جي ??خيرن جي ڀيٽ ۾ هڪ رڪارڊ آهي، ان جي لاءِ عظيم ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جا ٿورا ادا ڪريان ٿو جيڪي ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجي ??لال رزق ڪمائي موڪلين ٿا، اهو ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿو ته پاڪستان جي معيشت هاڻي اڳتي وڌي رهي آهي. ان حوالي سان اڃا وڌيڪ سفر طئي ڪرڻو آهي جنهن ۾ ماضي وانگر چئلينجز به ايندا جڏهن ته جهڙي طرح 7 مهينن ۾ چئلينجز جو هڪ ٽيم جي ??ور تي مقابلو ڪيو ۽ الله تعاليٰ اسان جي محنت ۽ خلوص جو صلو ڏنو، اهڙي طرح اڳتي به گڏيل ڪوششن سان انهن چئلينجز تي ضابطو آڻينداسين. هن چيو ته پاڪستان جي ??ام ماڻهو مهانگائي، مهانگي پاليسي وياج جي ??رح، کاڌي پيتي جي ??ين جي قيمتن ۾ اضافي سميت بي پناهه مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي، پاڪستان جي ??وام تحمل ۽ صبر سان اهي مشڪلاتون ڪٽيُون، اڃا به ائين نه آ??ي ته اهي مشڪلاتون مڪمل ختم ٿي ويون هجن پر انهن ۾ آهستي آهستي بهتري اچي رهي آهي، قوم جيڪي قربانيون ڏنيون آهن ان تي اسان سڀ انهن جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته گرمي جي موسم ۾ 50 ارب رپين سان 200 يونٽ ماهوار استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي ريليف ڏنو، پنجاب حڪومت به ٻن مهينن جي لاءِ بجلي جي ??لز ۾ 50 ارب رپين کان وڌيڪ جو ريليف ڏنو، هي اهي قدم آهن جن سان اهو اشارو ملي ٿو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون عوام کي درپيش مسئلن کان نه رڳو پوري طرح آگاهه آهن پر انهن کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ به ضروري قدم کڻي رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کانسواءِ چوان ٿو ته ماضي ۾ هڪ سنگدل حڪمران آيو جنهن اهو چيو ته مهانگائي سان سندس ڪو واسطو نه آهي، جيتوڻيڪ موجوده حڪومت عوام جي نمائنده حڪومت آهي ۽ اسان کي عوام کي درپيش مسئلن جو پُورو پتو آهي ۽ اسان گڏجي ??نهن مسئلن جي ??ل لاءِ جيڪو ممڪن ٿيو اهو ڪري رهيا آهيون، مهانگائي جي ??رح 32 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 6.7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، اسان جي قوم سان اها ڪمٽمنٽ 2026ع تائين هئي پر الله تعاليٰ جي ??صوصي فضل ۽ ڪرم سان اهو ممڪن ٿيو ۽ اڄ مهانگائي هڪ انگ تي اچي وئي آهي، اسان عارضي قدمن سان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري ريليف قدمن جي لاءِ به ڪوششون ڪري رهيا آهيون، بجلي چوري کي روڪڻ، لائين لاسز ۾ گ??ٽتائي ۽ ملڪي آءِ پي پيز سان معاهدا وڏا چئلينجز آهن، اهي آءِ پي پيز منافعو ڪمائي چڪا آهن، اهي پنهنجي ??يڙپڪاري جي لاڳت نه رڳو پوري چڪا آهن پر وڏا منافعا به حاصل ڪري چڪا آهن، ان جي لاءِ موجوده حڪومت 7 مهينن ۾ ڀرپور ڪوشش ڪئي، اسان جي قائد نواز شريف بجلي جي قيمتن ۾ گ??ٽتائي جي لاءِ بار بار اسان کي هدايتون ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته توانائي جي پوري ٽيم ۽ ٽاسڪ فورس پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. انهن خلوص سان ڏينهن رات محنت ڪئي آهي، ان ۾ ڪيترائي چئلينجز به درپيش رهيا، اهو ڪو آسان ڪم نه آهي. هن چيو ته قوم کي هو خوشخبري ڏيڻ چاهي ٿو ته 5 آءِ پي پيز گڏيل رضامندي ۽ قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي اڄ کانپوءِ معاهدا مڪمل ختم ڪري ڇڏيا آهن. انهن کي رهتون جن ۾ وياج شامل نه آهي جي ??دائيگي ڪئي ويندي، ان سان صارفين کي 60 ارب رپيا ساليانو ريليف ملندو. بجلي جي قيمت گهٽ ٿيندي، آءِ پي پيز جي مالڪن رضاڪاراڻي طور تي ان کي قبول ڪيو آهي، جنهن تي انهن جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. آءِ پي پيز سان معاهدن جي ??اتمي سان 411 ارب رپين جي ??چت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ??هتر قدمن جي مدد ۾ صدر آصف علي زرداري سميت اتحادي پارٽين جا ٿورا مڃُون ٿا، معاشي بهتري ۾ ڪردار تي آرمي چيف جا خصوصي ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف جي ??ربراهه سان ملاقات ??وران کيس ان حساسيت کان آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن بجلي جون قيمتون خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هونديون ته هتي صنعت ۽ زراعت ترقي نه ٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي برآمدات وڌي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان جي ٽيم آءِ ايم ايف وٽ وڃي رهي آهي، ناڻي واري وفاقي وزير سان گڏ توانائي وارو وفاقي وزير ۽ خصوصي صلاحڪار به ويندا ۽ آءِ ايم ايف کي سڄو ڪيس سمجهائيندا. ناڻي واري وفاقي وزير کي اڳ ۾ ئي آءِ ايم ايف اهم اسپيڪر طور گهرائي رهيو آهي جيڪو اسان جي لاءِ اعزاز آهي. وزيراعظم چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير جي ??ي پناهه ڪوششن ۽ چين ۽ سعودي عرب جي ??عاون سان آءِ ايم ايف پروگرام تي معاهدو ٿيو. وزيراعظم چيو ته 5 آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪرڻ برسات ??ي پهرين ڦُڙي آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ خوشخبريون ملنديون.