اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان آفري??ي سفيرن پرڏيهي وزارت ۾ گڏيل ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان آفريقا دوستي جي موضوع تحت ??ڻڪ??ري جي خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري پڌرائي موجب پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پرڏيهي وزارت ۾ آف??يق?? کنڊ جي 14 سفيرن جي آجيان ڪئي. اها ملاقات حڪومت جي ”انگيج آفريقا پاليسي“ موجب پرڏيهي وزارت جي آفريقا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. پاڪستان جا آفريقا کنڊ ۾ 19 سفارتي مشنز آهن، جڏهن ته 14 آف??يق?? مشنز اسلام آباد ۾ قائم آهن. ان موقعي تي پاڪستان آفريقا دوستي جي موضوع تحت ??ڻڪ??ري جي خصوصي تقريب منعقد ٿي. وزارت جي لان ۾ ??ڻڪ??ري کانپوءِ سفيرن پرڏيهي سيڪريٽري سان گڏيل ملاقات ڪئي. جنهن ۾ هن پنهنجي ترجيحن ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي اهم رخن جو خاڪو پيش ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پاڪستان ۽ آفريقا جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن تي روشني وڌي ۽ اسلام آباد ۾ مقرر آفري??ي سفيرن جي تعاون کي ساراهيو. هن مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ اعليٰ سطح جي سياسي لاڳاپن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين جي وچ ۾ واپا?? جي ماپي ۾ گذريل چئن سالن ۾ 75 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جنهن ۾ وڌيڪ اضافي جي گنجائش موجود آهي. سلطنت مراڪش جي سفير ۽ آف??يق?? ڊپلوميٽڪ ڪو?? جي ڊين محمد ڪارمون ان موقعي تي مٽاسٽا جي گڏيل خيالن جو موقعو فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري جا ٿورا مڃيا ۽ ??ڻڪ??ري جي بي مثال تقريب کي ساراهيو.