اسلام آباد -10 سيپٽمبر (اي پي پي) پلاننگ ڪميشن چيو آهي، ته عالمي برادري طرفان پاڪستان کي 2022ع جي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي مد ۾ هلندڙ مالي سال دوران 75 ڪروڙ 93 لک 60 هزار ڊالرز ملندا. پلاننگ ڪميشن جي جا??ي انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال دوران ورلڊ بئنڪ کان 287 ملين ڊالرز، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ ??ان 249.18 ملين ڊالرز، اي آءِ آءِ بي اينڊ چائنه ??ان 6026 ملين ڊالرز، آءِ ايس ڊي ب?? ??ان 111.07 ملين ڊالرز، پئرس ڪلب کان 73.78 م??ين ڊالرز، يو ايس اي/ يو ايس ايڊ ??ان 32 ملين ڊالرز ملندا. پلاننگ ڪميشن مطابق 2022ع جي ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان کي مجموعي طور تي 30 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو هو. بحالي جي لاڳت 16.2 ارب ڊالرز جڏهن ته ان حوالي سان عالمي برادري طرفان ڪيل واعدن جي ماليت 10.9 ارب ڊالرز آهي ۽ اهڙي طرح اڃا به 17.1 ارب جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پوسٽ ڊزاسٽر نيڊز اسيسمينٽ ڪاٿو لڳايو آهي ته مجموعي نقصان 14.9 بلين ڊالرز کان وڌي ويو آهي جڏهن ته معاشي نقصان 15.2 بلين ڊالرز تائين پهچي ويو آهي. ڪاٿي ۾ غذائي عدم تحفظ ۾ به نمايان اضافي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ۽ متاثر ماڻهن جو تعداد 70 لک کان وڌي 14.6 ملين ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته 2 ملين کان وڌيڪ هائوسنگ يونٽس کي نقصان پهتو، جن ??ان 780000 مڪمل طور تباهه ٿيا ۽ 1.2 ملين کان وڌيڪ کي جزوي نقصان پهتو. 2022ع جي ٻوڏ جي حوالي سان منصوبابندي واري وزارت پاڪستان حڪومت جي اسٽريٽجڪ پاليسي تيار ڪئي، جنهن کي پائيدار تعمير، متاثر ماڻهن ۽ علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير فريم ورڪ (4 آر ايف) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هي فريم ورڪ ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي، ملڪيتن، انفراسٽرڪچر، روڊن ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير جي ڪوششن جي رهنمائي لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي.