مريدڪي- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صنعت، پيدا??ار ۽ قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي رهائش??اه تي وڃي سندس ڀاءُ، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر راڻا افضال حسين جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪندي تعزيت ڪئي. وزير اعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا گهري. وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و ته راڻا افضال حسين جي سياسي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.