اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ امن امان ??ي صورتحال بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدمن ۽ دهشتگردن جي نشاندهي ڪري انهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير سيد محسن ر??ا نقوي ۽ بلوچستان ??ي وڏي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي. وفاقي گهرو وزير ۽ بلوچستان ??ي وڏي وزير وزيراعظم کي بلوچستان ??ي سيڪي??رٽ?? ۽ مجموعي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ دهشتگرد حملا بزدلاڻيون ڪارروايون هيون جن جو ڪو جواز پيش نٿو ڪري سگهجي، اسان ??ي بهادر سيڪي??رٽ?? فورسز پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري دهشتگردن جي ارادن کي ناڪام بڻايو. وزيراعظم بلوچستان ۾ امن امان ??ي صورتحال بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن دهشتگردن جي نشاندهي ڪري انهن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي جي پڻ هدايت ڪئي.