لنڊن – 01 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني لنڊن ۾ فارين، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمنٽ آفيس (ايف سي ڊي او) ۾ برطانيا جي پارلياماني ميمبر ۽ ??کڻ ايشيا بابت مملڪتي ??زير هميش فالڪنز سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ??اڪستان جو هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل پڻ موجود هو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين هميش فالڪنز کي وزير طور مقرري تي ??بارڪون ڏنيون. سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن جي مفادن کي اڳتي ??ڌائڻ لاءِ هڪ مضبوط شراڪتداري جي ??هميت تي زور ڀريو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ??ي هٿي ڏيڻ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو. سينيٽ چيئرمين اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ ويجها لاڳاپا اسٽريٽجڪ شراڪت ۾ تبديل ٿي ويندا. سيد يوسف رضا گيلاني برطانيا سان اقتصادي، دفاعي ۽ واپاري شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ??کڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن مطابق ڄمون ڪشمير جي ??ڪرار جي ??ل جي ??هميت تي ??ڻ زور ڀريو. سينيٽ چيئرمين غزه جي ??نگين انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگ بندي ۽ فلسطين تڪرار جي ??ل تي زور ڀريو. برطانوي مملڪتي ??زير هميش فالڪنز ايف سي ڊي او جي ??وري تي سينيٽ چيئرمين جو ٿورو مڃيندي واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، تعليم، سماجي ۽ اقتصادي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ??هميت کي اجاگر ڪندي پاڪستان ۽ برطانيا جي ??راڪتداري کي اڳتي ??ڌائڻ لاءِ پاڪستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي ??واهش جو ورجاءُ ڪيو. هن 2010ع ۾ ملتان ۾ آيل ٻوڏ جي موقعي تي ??نهنجي ??وري کي پڻ ياد ڪيو.