لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز ??ري?? چيو آهي، ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي، چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جهڙي قومي نوعيت جي ترقياتي منصوبن تي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي سياست کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزير??عظ?? ميڊيا آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان مطابق انهن خيالن جو اظهار هن صحافين جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. چين جي سرڪاري اداري چائنا پبلڪ ڊپلوميسي ايسوسيئيشن جي دعوت تي چين جي سرڪاري دوري تان واپس آيل صحافين جي 7 رڪني وفد گذريل ڏينهن لاهور ۾ وزير??عظ?? سان ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? چيو ته پنهنجي هاڻوڪي چين جي دوري ۾ چيني قيادت ۽ چيني عوام طرفان مثالي مهمان نوازي تي انهن جو ٿورائتو آ??يا??، چين جي هاڻوڪي دوري کان پوءِ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي اڳڀرائي جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آ??يا??. هن چيو ته پاڪستان ۾ چين جي رهواسين جي سيڪيورٽي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته چين جهڙي پراڻي دوست سان لاڳاپن تي سياست جي ڪنهن به قسم جي گنجائش ناهي، سي پيڪ جي ٻي مرحلي تي تيزي سان عملدرآمد جاري آهي. هن چيو ته چيني ماهرن جي پاڪستان جي هاڻوڪي دوري ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. ملاقات ۾ سڌسماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ به موجود هو. صحافين جي وفد ۾ دنيا نيوز جو سلمان غني، عامر مير، هم نيوز جو شيراز حسن، روزنامه جنگ جو خضر حيات، ڊان نيوز جو خالد حسنين، جيو نيوز جو ??عظ?? ملڪ ۽ پاڪستان ٽيليويزن جو مطيع الرحمان شامل هئا. وفد جي ميمبرن وزير??عظ?? کي پنهنجي چين جي هاڻوڪي دوري دوران تجربن ۽ پاڪ چين لاڳاپن جي حوالي سان پنهنجي خيالن کان آگاهه ڪيو. وفد پنهنجي چين جي دوري دوران ٿيل ملاقاتن جي بنياد تي وزير??عظ?? کي آگاهه ڪيو ته چين پاڪستان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وفد وزير??عظ?? جي قيادت ۾ حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزير??عظ?? کي چيني قيادت ۽ چيني عوام جي پاڪستان حڪومت بابت تاثرن کان به آگاهه ڪندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري خاص طور چين پاڪستان اقتصادي راهداري تي ڪم جي موجوده رفتار ۽ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ لاءِ وزير??عظ?? شهباز ??ري?? جي قيادت ۾ حڪومتي قدمن تي اطمينان جو تاثر ڏٺو پيو وڃي. چيني عهديدارن شهباز اسپيڊ جو ذڪر ڪندي وزير??عظ?? جي سڌارن وارن قدمن جي به تعريف ڪئي. وفد ۾ شامل ٿيندڙن ٻڌايو ته سندن هاڻوڪي دوري دوران چيني عهديدارن سان ملاقات ۾ چين پاڪستان معاشي شراڪتداري باري ۾ عام طور ۽ سي پيڪ تي خاص طور گرم جوشي جو تاثر مليو.