ڪراچي-11 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير ??حسن نقوي ڪالهه سي ٽي ڊي جي شهيد ڊي ايس پي علي رضا کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڪريم آ??اد پهچي ويو. گهرو وزير ??حسن نقوي شهيد ڊي ايس پي جي رهائشگاهه تي سوڳوار خاندان سان ملاقات ڪئي. وارثن کي دلاسو ??نو ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير ??حسن نقوي شهيد ڊي ايس پي علي رضا لاءِ هلال شجاعت ۽ قائد اعظم پوليس ميڊل ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن جو چوڻ هو ته ڊي ايس پي علي رضا انتهائي بهادر پوليس آفيسر هو. قوم کي اهڙن جرئتمند پوليس آفيسرن تي ناز آهي. شهيد ايس ايس پي چوڌري اسلم کانپو??ِ ??هيد ڊي ايس پي علي رضا ڪراچي ۾ دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي هئي. هن چ??و ته اسان جو ايمان آهي ته شهيد زنده هوندا آهن ۽ شهيد ڊي ايس پي علي رضا هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندو. ايڊيشنل آ??ِ ??ي پوليس يعقوب ناصر، ڊي آ??ِ ??ي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ، ايس ايس پي سينٽرل ۽ سي ٽي ڊي جا آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا.