اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل دوستي جو رشتو مضبوط ۽ مستحڪم آهي، ٻئي ملڪ امن ۽ ترقي جا خواهشمند آهن. اهڙو اظهار هن سي پيڪ تي ٿيل عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. چيني سفير چيو ته اسان کي امن ۽ ترقي لاءِ گڏجي ??م ڪرڻو پوندو، چين پاڪستان ۾ امن ۽ ترقي جو خواهشمند آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي انصاف لاءِ گڏجي ??م ڪرڻ جي ضرورت آهي، چين دنيا ??ي ڏاکڻي علائقن جو ميمبر ملڪ آهي، هاڻوڪن ڪجهه سالن ۾ د??يا ??ي ڏکڻ طرف جا ملڪ معاشي ترقي جي علامت بڻجي اڀريا ??هن، چيني سفير چيو ته دنيا ??ي ڏکڻ خطي ۾ واقع ملڪ عالمي معاملن ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا ??هن. چين جي صدر شي جن پنگ ڏکڻ جي ملڪن ۾ ترقي جي عمل کي هٿي ڏيڻ لاءِ فورم فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته چين جي صدر دنيا ??ي ڏاکڻي ملڪن جي ترقي لاءِ اهم قدم کنيا ??هن، وزيراعظم شهباز شريف جي ??ين جي دوري ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشتن کي اڳتي وڌايو و??ندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي سي پيڪ ذريعي اڳتي وڌايو پيو وڃي. گوادر بندرگاهه ۽ خصوصي اقتصادي زونز ذريعي روانگي واپار ۾ اضافي جا بي پناهه موقعا موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ گرين انرجي، تيل ۽ گئس جي ??ولا ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون وڌايو و??ندو، اقتصادي راهداري ذريعي سمورا ملڪ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا.